ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ غذائيت جي کوٽ سبب بيمارين وگهي مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون

Children-Death-14-1

ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ غذائيت جي کوٽ سبب بيمارين وگهي مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، جنهن بعد 141 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 332 ٿي ويو، سنڌ سرڪار جي منظوري باوجود ڏڪاريل ڏيهه ۾ ڪڻڪ جي ورهاست شروع نه ٿي سگهي.

شهر جي ميگهواڙ پاڙي واسڻ 7 ورهين جو آسو ڌيءَ هالو  ۽ پورهيت الهه جڙيو جي ٽن ڏينهن جي ڌيءَ بيبي فوت ٿي ويون.

ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ غذائيت جي کوٽ سبب بيمارين وگهي 141 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارڙن جو تعداد 332 ٿي ويو.

سنڌ سرڪار ڏڪاريل ڏيهه ۾ ڪڻڪ جي ورهاست جي منظوري ڏني هئي پر 6 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪڻڪ ماروئڙن کي ملي نه سگهي آهي.

Comments

  1. Hyder
    Hyder 21 September, 2016, 13:50

    KTN News is the sound of sindhi peoples… We love you ktn news

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*