ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ غذائيت سبب معصوم ٻارڙن ۾ پکڙيل بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري

Children-14-0515

ٿرپارڪر ۾ ڏڪار ۽ غذائيت سبب معصوم ٻارڙن ۾ پکڙيل بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙِي فوت ٿيڻ کانپوءِ 134 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو تعداد وڌي 322 ٿي ويو.
مٺي سول اسپتال ۾ پورهيت مهرو جي 16 ڏينهن جي ڌيءَ سومل فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ڏڪاريل ڏيهه ۾ 134 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 322 ٿي ويو آهي.
ٿرپارڪر ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان گهربل مقدار ۾ برساتون نه پوڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال آهي، جنهن سبب غذائيت جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙن ۾ بيماريون پکڙي ويون آهن.
صحت کاتي طرفان دوائن باوجود مٺي سول اسپتال، سمورين تعلقي اسپتالن توڙي بنيادي صحت مرڪزن ۾ دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ برقرار آهي، جنهن سبب ماروئڙن کي بهتر طبي سهولتون نه ملي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*