ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري

Children-14-0515

ٿرپارڪر  ۾ غذائيت جي  کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ چار ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن ۾ حياتيون وڃائندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 410 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال ۾ ننگر پارڪر جي رهواسي پورهيت لطف علي جي 5 ڏينهن جي ٻارڙي بيبي، پورهيت شفيع محمد چانڊيو جو 8  ڏينهن جو پٽ محمد اويس، پورهيت ڪريم بخش جي 18مهينن جي ٻارڙي شفيعت ۽ پورهيت پرتاب ميگهواڙ جو  چئن مهينن جو ٻارڙو چيتن بيماري جي سٽ  نه سهندي فوت ٿي ويو.

ڏڪاريل ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي 206 ڏينهن ۾  حياتيون وڃائندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 410 ٿي ويو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*