ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ بک ۽ بيمارين سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري، مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل وڌيڪ چار معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا

Thar-Child-4816

ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ بک ۽ بيمارين سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري، مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل وڌيڪ چار معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا.

مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل ڳوٺ کاريو غلام شاهه جي واسي ليمو ميگهوار جي 2 ڏينهن جي ڌيءَ، پريم ڀيل جو 12 ڏينهن جو پٽ انور، رانجهو ڀيل جو ستن ڏينهن جو پٽ سنتوش ۽ ڳوٺ روهيڙو واسي غلام مصطفيٰ جو ٽن ڏينهن جو پٽ بابو فوت ٿي ويا.

ٿرپارڪر ۾ بک ۽ بيمارين سبب 7 مهينن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 422 ٿي ويو، جڏهن ته سول اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ برقرار آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*