برسبين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 39 رنز تان شڪست ڏئي 3 ميچز جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ تان برتري حاصل ڪري ورتي

pak match

برسبين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 39 رنز تان شڪست ڏئي 3 ميچز جي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ تان برتري حاصل ڪري ورتي، اسد شفيق کي شاندار بيٽنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

آسٽريليا پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 490 رنز جو ڏکيو هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ قومي ٽيم 450 رنز ٺاهيون، جيڪي برسبين ۾ ڪنهن به ٽيم جو چوٿين اننگز ۾ سڀ کان وڏو اسڪور آهي، ان کان اڳ انگلينڊ 2006-07 ۾ 370 رنز اسڪور ڪيون هيون.

برسبين ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي پنجين ۽ آخري ڏهاڙي پاڪستان 382 رنز ۽ 8 وڪيٽن جي نقصان تي اڻپوري اننگز جي شروعات ڪئي، اسد شفيق 100 ۽ ياسر شاهه  4 رنز سان اننگز کي اڳتي وڌايو ۽ ٻئي رانديگر 71 رنز ٺاهي سگهيا.

محمد عامر 48، ياسر شاهه 33 ۽ وهاب رياض 30 رنس اسڪور ڪيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ 4، جيڪسن برڊ 3 ۽ نيٿن ليون 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 39 رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ تي برتري حاصل ڪري ورتي، اسد شفيق کي شاندار بيٽنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو………………

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*