عالمي باڪسر عامر خان جي گهرواري ۽ والدين وچ ۾ الزامن ۽ جوابي الزامن جي سرد جنگ جاري آهي

amir khan boxer

عالمي باڪسر عامر خان جي گهرواري ۽ والدين وچ ۾ الزامن ۽ جوابي الزامن جي سرد جنگ جاري آهي، عامر خان جي والد سجاد خان، فريال کي ڪوڙِي ۽ شيطان صفت قرار ڏيندَي چيو آهي ته عامر کيس ضرور طلاق ڏيندو.

باڪسر عامر خان جي گهرواري فريال ۽ والدين وچ ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي آهي، نــُنهن ۽ سس وچ ۾ هلندڙ جهيڙو هاڻي سهري ۽ نُنهن وچ ۾ جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو آهي.

فريال جي بيان جي جواب ۾ سهري سجاد خان چيو آهي ته فريال پهرين نمبر جي ڪوڙِي ۽ شيطان صفت آهي، عامر خان کيس تمام جلد طلاق ڏيندو.

گذريل ڏينهن باڪسر عامر خان جي گهرواري فريال الزام هنيو هو ته نِڻان کيس اولهه جو لباس پائڻ تي تشدد جو نشانو بڻائيندي هئي، ٿڦڙون هڻڻ سان گڏوگڏ وار به ڇِڪيندي هئي ۽ سس ۽ سهري جا ڪَن پڻ ڀريندي هئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*