پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٻين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن تي چانهن جي وقفي تي ميزبان آسٽريلوي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 465رنز اسڪور ڪري ورتيون آهي

pak aus match

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٻين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن تي چانهن جي وقفي تي ميزبان آسٽريلوي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 465رنز اسڪور ڪري ورتيون آهي، ڪپتان اسٽيو سمٿ سنچري اسڪور ڪري ڪريز تي موجود آهي ۽ ڪينگروز کي پاڪستان خلاف 22رنز جي برتري حاصل آهي.

پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 443رنز اسڪور تي ڊڪليئر ڪئي، جنهن ۾ اظهر علي ٽيسٽ ڪيريئر جي ٽين ڊبل سنچري اسڪور ڪئي.

آسٽريلوي بيٽنگ پاڪستاني بالرز کي بيوس بڻائي ڇڏيو آهي ۽ چوٿين ڏينهن چانهن جي وقفي تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 465رنز اسڪور ڪيون آهي ۽اهڙي طرح کين پاڪستان خلاف پهرين اننگ ۾ 22رنز جي برتري حاصل ٿي چڪي آهي.

آسٽريلوي ٽيم پاران ڊيوڊ وارنر ۽ ڪپتان اسٽيو سمٿ سنچري اسڪور ڪيون،جڏهن ته عثمان خواجھ 97رنز جي اننگ کيڏي آهي.

ميچ دوران اظهر علي فيلڊنگ دوران هيلمٽ ۾ بال لڳو،جنهن سبب هو زخمي ٿي گرائونڊ کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته آءِ سي سي پاران اظهر علي ۽ ياسر شاهه جو ڊوپ ٽيسٽ ورتو ويو آهي،جنهن جي رپورٽ ٻن هفتن ۾ ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*