آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افغان شهر ڪابل ۽ قنڌار ۾ ٿيل ڌماڪن جي مذمت

Qmar-Javed-Bajwa-11117

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه افغان شهر ڪابل  ۽ قنڌار ۾ ٿيل ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل  قمر جاويد باجوه ڪابل ۽ قنڌار ۾ ٿيل ڌماڪن جي مذمت ۽ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف افغان عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهي.

 قنڌار ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ گڏيل عرب امارات جا 5 سفير به مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڪابل ڌماڪن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*