آسڪر ايوارڊ يافته هالي ووڊ اسٽار ميرل اسٽريپ گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب کي خطاب دوران چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت تنقيد

AWARDS-GOLDEN-GLOBES-MERYL-STREEP-9012017

آسڪر ايوارڊ يافته هالي ووڊ اسٽار ميرل اسٽريپ گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب کي خطاب دوران چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ٽرمپ پاران معذور صحافي کي ڌڪو ڏيڻ وارو واقعو سندس جيءُ جهوري ڇڏيو هو.

ميرل اسٽريپ 2015ع ۾ هڪ ريلي دوران ڊونلڊ ٽرمپ پاران نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽر سرگي ڪوواليسڪي کي ٽرمپ پاران ڌڪو ڏيڻ واري واقعي جو ذڪر ڪري رهي هئي، ٽرمپ اهڙي واقعي کان انڪار ڪندو رهيو هو.

3 ڀيرا آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ميرل اسٽريپ کي تقريب دوران سيســِل بي ڊي مـــِلي لائيف ٽائيم ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

ميرل اسٽريپ چيو ته ان واقعي ڄڻ ته سندس دل ۾ ڪوڪا هڻي ڇڏيا آهن ۽ هو ان کي وساري نٿي سگهي، سندس دل ٽٽي پئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهو واقعو ڪو فلم نه پر حقيقت هئي ۽ اڄ اهڙو ماڻهو ملڪ جي سڀ کان وڏي منصب تي ويهڻ وارو آهي.

ميرل اسٽريپ جو چوڻ هو ته عوامي پليٽ فارم تي طاقتور پاران انسان جي توهين برداشت کان ٻاهر آهي، توهين سان توهين ئي پلئه پوندي آهي ۽ تشدد سان تشدد کي هوا ملندي آهي.

ٻئي پاسي چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميرل اسٽريپ جي تقرير کي رد ڪندي چيو آهي ته اداڪاره اهو سڀ ڪجهه انڪري چئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هليري سان پيار ڪري ٿي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*