اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو خلاف پوليس ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

Isreal-Netanyahu-Pm-9012017

اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو خلاف پوليس ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اسرائيلي ميڊيا موجب نيتن ياهو هڪ اخبار جي ايڊيٽر کي سندس حمايت ۾ خبرون هلائڻ لاءِ هڪ ٻي اخبار جي اشاعت گهٽائڻ جي آڇ ڪئي هئي.

اسرائيلي ميڊيا موجب ڪرپشن جي رپورٽ بن يامين نيتن ياهو جي سياسي مستقبل لاءِ زلزلو ثابت ٿيندو، پر اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پاران رپورٽ تي ڪوبه ردعمل ظاهر نه ڪيو ويو آهي.

اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب بن يامين نيتن ياهو روزاني اخبار يديعوت احرونوت جي ايڊيٽر آرنن موزيس کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن سندس اخبار حڪومت جي حمايت ۾ ڪوريج ڏئي ته هو اسرائيل هايوم جي سرڪيوليشن گهٽائي سگهي ٿو.

اسرائيل هايوم امريڪي ارب پتي ۽ ريپبليڪن پارٽي جي ڊونر شيلڊن اڊيلسن جي اخبار آهي، جنهن جي سرڪيوليشن گهٽائڻ سان موزيس جي اخبار کي فائدو پهچندو.

اسرائيلي وزيراعظم اخبار جي ايڊيٽر وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ٽيپ منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پوليس نيتن ياهو کان ٻه ڀيرا ٻن مختلف ڪيسز ۾ پڇا ڳاڇا ڪري چڪي آهي.

اسرائيلي پوليس موجب نيتن ياهو خلاف هڪ ڪاروباري شخص کان قيمتي تحفا وٺڻ بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي، انهن تحفن ۾ مهانگا سگار ۽ شيمپئن به شامل آهن.

رپورٽس موجب نيتن ياهو روزاني اخبار يديعوت احرونوت جي ايڊيٽر آرنن موزيس تي الزام مڙهيندو رهيو آهي ته اها سندس خلاف خبرون هلائي پارٽي قيادت تان هٽائڻ چاهي ٿو.

گذريل ڏينهن به اسرائيلي وزيراعظم ميڊيا تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪرڻ تي ميڊيا پاران دٻاءُ وجهڻ غلط آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*