اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرز جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ اداري ۾ نـَون آفيسرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرز جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ اداري ۾ نـَون آفيسرن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ميمبرن پاران جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن ۾ تضاد آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊائريڪٽر الطاف احمد کان پوليٽيڪل فنانس ونگ جي وقتي چارج واپس ورتي وئي آهي.

ڊپٽي دائريڪٽر ابصار عالم کي پوليٽيڪل فنانس ونگ ۾ شامل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا پر اڃا تائين جواب ناهي آيو.

اليڪشن ڪميشن موجب اثاثن جي تفصيلن ۾ تضاد واري معاملي تي جواب اچڻ بعد ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*