امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته امريڪا اڳي کان وڌيڪ محفوظ ۽ بهتر جڳهه آهي

obama

امريڪي صدر براڪ اوباما چيو آهي ته امريڪا اڳي کان وڌيڪ محفوظ ۽ بهتر جڳهه آهي.

وائيٽ هائوس بدران شڪاگو ۾ امريڪي صدر براڪ اوباما پنهنجي اقتدار جو آخري خطاب ڪيو، جنهن ۾ پراڻين يادگيرين ۽ جذبات پڻي کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو.

براڪ اوباما چيو ته اڄ آئون وڃي رهيو آهيان پر سڀني کان وڌيڪ آئون خوش آهيان، جيڪڏهن سڀني جو مقصد ساڳيو هجي ته ملڪ ترقي ڪندا آهن.

اوباما چيو اسان تجربي مان اهو سکيو آهي ته جهموريت ذريعي ئي اسين مضبوط اتحاد قائم ڪري سگهون ٿا، جھموريت جي بهتري لاءِ سماجي روين  کي بدلائڻو پوندو.

هن چيو ته نسل پرستي ملڪ کي ماضي ۾  تباهه ڪيو ۽ مسئلا اڄ به موجود آهن، جيڪڏهن پناهگيرن جي ٻارن جي تعليم تي ڌيان نه ڏنو ويو ته اها امريڪي مستقبل سان به زيادتي هوندي.

براڪ اوباما چيو ته سڀني مسئلن جو حل مضبوط  پاليسين ۾ آهي، مون پنهنجي دور ۾ مشڪل مسئلن کي به بردباري سان منهن ڏنو.

هن چيو ته هُن پنهنجي صدارت جي ٻنهي دورن ۾ ڪيوبا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪيا ۽ ايران سان ائٽمي معاهدي وارو معاملو  پرامن نموني سان حل ڪرايو، نائين اليون جي ماسٽر مائينڊ کي ختم ڪيو۽ پناهگيرن سان سٺِي ورتاءِ سبب آمريڪا اڄ محفوظ ۽ مضبوط ترين ملڪ آهي.

اوباما چيو ته اڄ اسان جي معيشيت ترقي ڪري رهي آهي ۽ غربت گهٽجي رهي آهي، تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن عام ماڻهو جدوجهد ۾ شريڪ هوندو آهي.

ياد رهي ته امريڪي صدر براڪ اوباما 20 جنوري تي اقتدار نئين صدر ڊونلڊ ٽرمپ حوالي ڪندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*