ايران جي اڳوڻي صدر هاشمي رفسنجاني جي لاڏاڻي تي ايراني حڪومت ٽن ڏينهن جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيوآهي

Irani-Akbar-Hashemi-Rafsanjani-9012017

ايران جي اڳوڻي صدر هاشمي رفسنجاني جي لاڏاڻي تي ايراني حڪومت ٽن ڏينهن جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيوآهي، دل جي عارضي ۾ مبتلا هاشمي رفسنجاڻي 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

ايراني سرڪاري خابرو اداري موجب آچر تي علي اڪبر رفسنجاني کي تهران جي اسپتال ۾ آندو ويو هو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

ايراني حڪومت اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، هاشمي رفسنجاني جون آخري رسمون اڱاري تي ادا ڪيون وينديون.

اڳوڻو صدر هاشمي رفسنجاني 1934ع ۾ ايران جي هاري گهراني ۾ جنم ورتو هو، 1989ع کان 1997ع تائين صدارت جي عهدي تي فائز رهيو پر 2005ع ۾ کيس محمد احمدي نجاد چونڊن ۾ شڪست ڏئي ڇڏي هئي.

ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي علي اڪبر هاشمي رفسنجاني کي جدوجهد جو ساٿي قرار ڏنو.

هاشمي رفسنجاني ايراني انقلاب جي باني اڳواڻن مان هڪ هو، جنهن لڳاتار 8 سال عراق پاران شروع ڪيل جنگ کي ختم ڪرڻ بعد ملڪ ۾ نئين سر تعميري پروگرام شروع ڪيو، ۽ پاڻ اصلاح پسند اڳواڻ بڻجي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*