سـِنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي تڪ تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي

Sindh-high-court-18816

 سـِنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي تڪ تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ بدين مان چونڊيل پ پ ايم پي اي بشير هاليپوٽو کي نااهل قرار ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مٿس مڪاني چونڊن دوران ضابطه جي ڀڃڪڙي وارا الزام غلط آهن، اليڪشن ڪميشن ڪنهن به چونڊيل ميمبر کي نااهل قرار نٿي ڏئي سگهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪري تڪ تي ننڍي چونڊ روڪرائي وڃي.

عدالت موقف ٻـُڌڻ بعد بشير هاليپوٽو جي نااهلي وارو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کان پهرين فيبروري تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت، ريمارڪس ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به موجوده ميمبر کي سڌيءَ ريت نااهل قرار نٿي ڏئي سگهي، ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ريفرنس اماڻڻ اسپيڪر جو ڪم آهي.

 سنڌ هاءِ ڪورٽ بدين جي تڪ پي ايس 55 تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل شيڊول تي به عملدرآمد روڪيندي ٻڌڻي پهرين فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ حسام مرزا جي درخواست تي بشير هاليپوٽو کي مڪاني چونڊن دوران ضابطه جي ڀڃڪڙي تي نااهل قرار ڏنو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*