سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي وفات کانپوءِ نئين گورنر جي مقرري بابت وزير اعظم صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن

Saeed-Ul-Zaman-91116

سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي وفات کانپوءِ نئين گورنر جي مقرري بابت وزير اعظم صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، مشاورت لاءِ سنڌ مان اسماعيل راهو کي طلب ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي ڊگهي علالت کانپوءِ گذريل رات دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس وفات کانپوءِ وفاق سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب نئين گورنر جي مقرري لاءِ وزير اعظم سنڌ مان اسماعيل راهو کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

وزير اعظم جي طلب ڪرڻ تي اسماعيل راهو اسلام آباد پهتل آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*