سنڌ جي گورنر رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي اڄ صوبائي حڪومت سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي

governer sindh

سنڌ جي گورنر رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي اڄ صوبائي حڪومت سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، کيس سڀاڻي دفنايو ويندو.

سنڌ جو گورنر رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌ جو 31 هون گورنر جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي حلف کڻڻ کانپوءِ لڳاتار بيمار هو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي گورنر جي لاڏاڻي تي اڄ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين گورنر سنڌ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ترجمان گورنر هائوس، گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته کيس سيني ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، ڪالهه طبيعت بگڙي وڃڻ سبب نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

سعيد الزمان صديقي گذريل سال 2016 جي نومبر مهيني جي يارهين تاريخ تي گورنر سنڌ جي عهدي جو حلف کنيو ۽ صوبي جو 31 هون گورنر بڻيو.

گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي بعد سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي گورنر ٿي ويو آهي.

رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي جي جنازي نماز جمعي ڏينهن پولو گرائونڊ تي ادا ڪئي ويندي.

سعيد الزمان صديقي 1937ع ۾ ڀارت جي شهر لکنئو ۾ پيدا ٿيو، 1954ع ۾ هُن ڍاڪا يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي.

رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهي چڪو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*