فرينچ ٻولي جي فلم “ايلي” بهترين پرڏيهي ٻولي جو گولڊن گلوب ايوارڊ ماڻي ورتو آهي

AWARDS-GOLDEN-GLOBES-FOREIGN-FILM-9012017

فرينچ ٻولي جي فلم “ايلي” بهترين پرڏيهي ٻولي جو گولڊن گلوب ايوارڊ ماڻي ورتو آهي،  جڏهن ته فلم جي هيروئن ازابيل هــو پرٽ بهترين اداڪاره قرار ڏني وئي.

ڊائريڪٽر پال ويرهوئين جي سائيڪالاجيڪل ٿرلر “ايلي” فرينچ فلم “ڊيوائن”،چلي جي فلم نرودا،ايران ۽ فرينچ جي گڏيل پراڊڪشن “دا سيلزمين” ۽ جرمني جي ڪاميڊي فلم “ٽوني اِرڊمن” کي هارائي بهترين پرڏيهي فلم جو ايوارڊ ماڻيو.

“ايلي” جي هيروئن ازابيل هـوپرٽ کي بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ڏنو ويو، جنهن کي گولڊن گلوب ايوارڊ جو وڏو اپ سيٽ قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سڀني کي اميد هئي ته اداڪاره نتالي پورٽمين فلم “جيڪي” تي ايوارڊ ماڻي وٺندي.

“ايلي” فلم نقاب پوش جوابدار جي جنسي هوس جو نشانو بڻجندڙ عورت جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ان صدمي مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*