مسلم ليگ ن جي اڳواڻن چيو آهي ته سچ ثابت ڪرڻ لاءِ زور ناهي لڳائڻو پوندو، اڄ اسٽيپڻي به پنڪچر ٿي وئي آهي

maryan orngzb or talal

مسلم ليگ ن جي اڳواڻن چيو آهي ته سچ ثابت ڪرڻ لاءِ زور ناهي لڳائڻو پوندو، اڄ اسٽيپڻي به پنڪچر ٿي وئي آهي، وزيراعظم نواز شريف جو پاناما پيپرز ۽ مني لانڊرنگ سان ڪو به تعلق ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ تي وزيراعظم مٿان الزام لڳايا پيا وڃن، حڪومتي وڪيل نواز شريف مٿان لڳل الزامن جو تفصيلي جواب ڏنو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪوڙ، الزامن ۽ احتجاجي رياست جو بادشاهه آهي، سڀني کي خبر آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ ڪير بڻجي پيو.

طلال چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اڄ پهريون ڀيرو سٺو وڪيل ۽ سٺي وڪالت ٻڌڻ لاءِ ملي،  سچ ثابت ڪرڻ لاءِ زور نٿو لڳائڻو پئي، اهو پاڻ سامهون اچي ويندو آهي.

طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته  سچو ماڻهو الزامن کان بي فڪر ٿي ڪم ۾ لڳل هوندو آهي، ڪوڙ جا پير ڪمزور هوندا آهن ۽ گهڻو ڪوڙ ناهي بيهي سگهندو ۽ ڪوڙا ماڻهو جلد بيمار ٿي پوندا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*