مشهور پاڪستاني اداڪار سلطان راهي کي مداحن کي وڇڙئَي 21 ورهيه وهامِي ويا آهن، مختلف شهرن ۾ ورسي تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن

sultan ahi

مشهور پاڪستاني اداڪار سلطان راهي کي مداحن کي وڇڙئَي 21 ورهيه وهامِي ويا آهن، مختلف شهرن ۾ ورسي تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن.

سلطان راهي جي اصل نالي سلطان محمد هو، هــُن پنهنجي فلمي زندگي جي شروعات فلم باغي ۾ هڪ معمولي ڪردار سان ڪئي ۽ بعد ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين فلمن ۾ ننڍا وڏا ڪردار ادا ڪندو رهيو.

1971ع ۾ فلم بابل ۾ بدمعاش جو ڪردار نڀائڻ کانپوءِسلطان راهي کي شهرت ملي، جنهن بعد هــُو پاڪستان جي فلمي صنعت جو سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ سڀ کان مصروف اداڪار بڻجي ويو.

سلطان راهي مجموعي طور تي 804 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ 500 کان وڌيڪ فلمون پنجابي ٻولي ۽ 160 فلمون اردو ٻولي ۾ بڻايون ويون، جڏهن ته 430 فلمون اهڙيون به هيون، جن جو ٽائٽل رول سلطان راهي ادا ڪيو.

سلطان راهي جي مشهور فلمن ۾ بشيرا، شير خان، مولا جٽ، سالا صاحب، آخري جنگ ۽ شولَي شامل آهن.

اداڪاره سلطان راهي کي 9 جنوري 1996ع تي اسلام آباد کان لاهور واپسيءَ تي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو، سندس تدفين شاهه شمس قادري جي مزار جي احاطي ۾ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*