ملتان ۾پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا

multan dako police

 ملتان ۾پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته وهاڙي روڊ تي واقع ممتاز آباد واري علائقي کان ڏوهاري واردات کان پوءِ فرار ٿي رهيا هئا، جن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته هنن فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب هٿياربندن پاران نه بيهڻ تي پوليس جوابي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سندن 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب زخمي ڏوهارين کي تحويل ۾ وٺي علاج لاءِ نشتر اسپتال آندو ويو، جتي اهي بچي نه سگهيا.

پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ شڪيل ۽ ذوالفقار جي نالي سان ٿي آهي، مٿن ملتان سميت مختلف ٿاڻن تي قتل، اغوا ۽ ڌاڙن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*