هالا ۾ پريميڪا کي قتل ڪرڻ بعد گم ٿي ويل نوجوان مارجي وڃڻ واري درخواست تي عدالتي حڪم کانپوءِ ٽنڊو ڄام ۾ نامعلوم ڄاڻائي دفنايل شخص جي قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا آهن

hala

هالا ۾ پريميڪا کي قتل ڪرڻ بعد گم ٿي ويل نوجوان مارجي وڃڻ واري درخواست تي عدالتي حڪم کانپوءِ ٽنڊو ڄام ۾ نامعلوم ڄاڻائي دفنايل شخص جي قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا آهن.

هالا ۾ هڪ  مهينو اڳ پريميڪا کي قتل ڪرڻ بعد پر اسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان عامر خاصخيلي جي پوليس مقابلي ۾  مارجي وڃڻ بابت وارثن حيدرآباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.

 عدالتي حڪم بعد جڊيشل مئجسٽريٽ نور احمد  کوسو جي نگراني ۾ ٽنڊو ڄام ۾ لاوارث ڄاڻائي دفنايل هڪ شخص جي قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ کين شڪ آهي ته پوليس کيس ماري لاش لاوارث ڄاڻائي دفنايو آهي، جنهن ڪري هنن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي  آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*