والاريل ڪشمير جي علائقي اکنور ۾ جنرل ريزرو انجنيئرنگ فورس جي ڪيمپ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا

Militants-attack-GREF-camp-near-LoC-JK9012017

والاريل ڪشمير جي علائقي اکنور ۾ جنرل ريزرو انجنيئرنگ فورس جي ڪيمپ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا آهن.

ڀارتي پوليس موجب گريف ڪيمپ تي حملي کانپوءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حملي آورن کي پڪڙڻ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب اکنور گريف ڪيمپ تي سومر تي اسر ويل ٻه کان ٽن هٿياربندن حملو ڪري فائرن ڪئي، جنهن ۾ ٽي اهلڪار مارجي ويا، جنهن بعد اکنور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

گريف ڀارت جي بارڊر روڊز آرگنائيزيشن جهڙن ادارن جو نگران ادارو آهي، جنهن جو ڪم سرحدي علائقن ۾ فوجي چرپر کي سولو بڻائڻ ۽ شاهراهن جو خيال رکڻ آهي.

ڀارتي سڪيورٽي فورسز روايتي طور تي حملي آورن بابت الزام مڙهيو آهي ته اهي پاڪستاني سرحد پار ڪري اکنور ۾ داخل ٿيا هئا، ڀارتي دعويٰ سندن ئي فورسز جي ڪارڪردگي جي به پت وائکي ڪري ٿي، جن کي هٿياربندن جي چرپر جي خبر ئي نٿي پوي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*