ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور ڪاميابي ماڻي بينظير جو پاڪستان ٺاهيندي، ڪارڪن نواز ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن، بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto-151016

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور ڪاميابي ماڻي بينظير جو پاڪستان ٺاهيندي، ڪارڪن نواز ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن، عوام جي خوشحاليءَ لاءِ روزگار جي ذريعا پيدا ڪرڻا پوندا آهن.

اسلام آباد ۾ پ پ پنجاب جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گوادر چين حوالي ڪرڻ وارو خيال آصف زرداري جو ئي هو.

هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي ڪوڙڻ الزامن هيٺ جيل موڪليو ويو، پيپلزپارٽي غريب نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي چئني صوبن ۾ ڪاميابي ماڻي شهيد بينظير جو پاڪستان ٺاهيندي، ڪارڪن نواز ليگ کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*