ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ ميزبان آسٽريليا پاڪستان کي 220رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي

sydny test match

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ ميزبان آسٽريليا پاڪستان کي 220رنز تان شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي.

سڊني ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان آسٽريليا پهرين اننگ ۾ 538رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ ميٽ رينشا پهرين ٽيسٽ سنچري اسڪور ڪندي 184، ڊيوڊ وانر 113۽هينڊسڪومب 110رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران وهاب رياض 3،عمران خان ۽اظهر علي ٻه-ٻه، جڏهن ته ياسر شاهه هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگ ۾ اسٽار يونس خان جي شاندار 175رنز ۽اظهرعلي جي 71رنز سبب 315رنز اسڪور ڪيون.

آسٽريليا پاران جوش هيزل ووڊ چار،نيٿن ليون 3،جڏهن ته مچل اسٽارڪ ۽اسٽيون او ڪيفي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

اهڙي طرح  قومي ٽيم کي فالون آن ٿيو پر آسٽريليا ٻيهر بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پهرين اننگ ۾ آسٽريليا جي ٽيم 223رنز جي برتري حاصل ڪرڻ بعد ٻي اننگ ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 241رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 465رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

آسٽريليا جي ٻي اننگ ۾ عثمان خواجه 79۽هينڊسڪومب 40رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا،جڏهن ته ڊيوڊ وانر 55۽ڪپتان اسٽيوسمٿ 59رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان جي ٽيم آسٽريليا پاران ميچ کٽڻ لاِءِ مليڪ 465رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي ۽پوري ٽيم 244رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽اهڙي طرح ٽيم کي 220رنز تان شڪست نصيب ٿي.

پاڪستان پاران سرفراز احمد 72رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو،جڏهن ته پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ شرجيل خان 40رنز اسڪور ڪيون.

آسٽريليا پاران جوش هيزل ووڊ ۽اسٽيو آو ڪيفي 3-3،نيٿن ليون ٻه ،جڏهن ته مچل اسٽارڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڊيوڊ وارنر کي مين آف دي ميچ ،جڏهن ته ڪپتان اسٽيوِ سمٿ کي مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*