پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته وفاقي حڪومت روزانو ڏيڍ ارب رپيا ڇاپي رهي آهي

naeem ul haq talal chodhary

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته وفاقي حڪومت روزانو ڏيڍ ارب رپيا ڇاپي رهي آهي، پاناما معاملي تي پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عدالت جي سمورن سوالن جا نعيم بخاري جواب ڏئي چڪو آهي.

پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق چيو ته نوازشريف 4 سوالن جا جواب ڏئي ها ته اها صورتحال نه هجي ها.

نعيم الحق چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اڇاڪارا پڌرا ٿي ويندا، سپريم ڪورٽ ۾ وفاقي وزير،  وزيراعظم جو ذاتي ڪيس وڙهي رهيا آهن.

نعيم الحق جو چوڻ هو ته جلد سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان ڪرپشن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هنيو ويندو.

پاناما معاملي تي پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عدالت جي سمورن سوالن جا نعيم بخاري جواب ڏئي چڪو آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته مريم نواز عمران خان تي ڪيس ڪيو ته ان جي آجيان ڪئي ويندي.

هن چيو ته مريم نواز کي آءِ سي آءِ جي تي به ڪيس ڪرڻ کپي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته قطري شهزادي کي فليٽس جي ملڪيت ظاهر ڪرڻي پوندي.

فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ويجهو ٿاڻي تي دانيال عزيز مٿان ڪيس داخل آهي پر پوليس کيس تحفظ فراهم پئي ڪري، اڄوڪي ڪارروائي ۾ نعيم بخاري زبردست دليل ڏنا.

فواد چوڌري چيو ته جماعت اسلامي نوازشريف خلاف نئين درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاناما ليڪس ۾ ن ليگ جو ڪيس رضيا بٽ جي ناول وانگر آهي………..

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*