پنجاب حڪومت بزرگن جي تحفظ لاءِ نئون قانون آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي

lahore shabaz shafreef

پنجاب حڪومت بزرگن جي تحفظ لاءِ نئون قانون آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي اسپيشل مانيٽرنگ يونٽ اهڙو هڪ قانوني مسودو تيار ڪيو آهي، جيڪو قانون ٿيڻ جي صورت ۾ هاڻي اولاد والدين سان برو سلوڪ نه ڪري سگهندي.

قانوني مسودي کي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ منظوري لاءِ اماڻيو ويو آهي، جيڪو اتان منظوري کانپوءِ قانون واري وزارت کي اماڻيو ويندو.

قانون واري وزارت وٽان مسودي جي منظوري کانپوءِ پنجاب اسيمبلي مان ان کي پاس ڪرايو ويندو، چيو پيو وڃي ته اهو مسودو قانون جي صورت جڏهن اختيار ڪري وٺندو ته اولاد پنهنجي والدين سان ڪو به اڻ وڻندڙ سلوڪ نه ڪري سگهندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*