ڪراچي جي عدالت ايم ڪيو ايم ايم پي اي ڪامران فاروقي خلاف غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ ڌرين کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ATC-Karachi-171016

 ڪراچي جي عدالت ايم ڪيو ايم ايم پي اي ڪامران فاروقي خلاف غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ ڌرين کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدار مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران پوليس متحده جي ايم پي اي ڪامران فاروقي کي پيش ڪيو.

عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته سمورين ڌرين کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

متحده ايم پي اي خلاف ڪراچي جي نبي بخش ٿاڻي تي غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ جو ڪيس داخل آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان پڻ آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪامران فاروقي 12 مئي سانحي ۽ محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ ملوث هئڻ جو به اعتراف ڪري چڪو آهي….

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*