گهوٽڪي ويجهو هٿياربند گهر تي ڪاهه ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت کي پنهنجي معصوم ڌيءَ سميت اغوا ڪري ويا

ghotkimap11-9

گهوٽڪي ويجهو هٿياربند گهر تي ڪاهه ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت کي پنهنجي معصوم ڌيءَ سميت اغوا ڪري ويا، عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن برادري جي ماڻهن جرڳو ڪري کين ڪارو قرار ڏنو هو، واقعي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود پوليس اسان کي تحفظ فراهم نه ڪيو هو.

جهانپور ويجهو هٿيار بند گهر تي ڪاهه ڪري 2013 ع ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ عورت مائي صدوري  ۽ سندس ٻن ورهين جي ڌيءَ فوزيا کي اغوا ڪري ويا.

اغوا ڪيل عورت جي مڙس محمد يونس چاچڙ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن برادري جي ماڻهن جرڳو ڪري اسان کي ڪارو قرار ڏنو، جنهن خلاف مائي صدوري سرحد ٿاڻي تي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي هئي.

هن چيو ته بااثر قادر بخش، سردار  چاچڙ ۽ ٻين جرڳو ڪري اسان کي ڪارو قرار ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ  جوابدار گهر تي ڪاهه ڪري سندس گهرواري کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ هاڻ خدشو آهي ته عورت کي قتل ڪيو ويندو.

هن چيو ته جوابدارن سان مزاحمت ڪرڻ تي عورت جو سهرو محمد سليمان ۽ ڏير سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي اغوا واري اطلاع تي کيس بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن……………..

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*