گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب دوران شوبز اسٽارز پاران فيشن ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جون ڪوششون نظر آيون، اداڪار ۽ ادڪارائون مشهور ڊزائنرز پاران تقريب لاءِ خاص تيار ڪيل وڳا پهري شريڪ ٿيون

AWARDS-GOLDEN-GLOBES-FASHION-90117

گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب دوران شوبز اسٽارز پاران فيشن ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جون ڪوششون نظر آيون، اداڪار ۽ ادڪارائون مشهور ڊزائنرز پاران تقريب لاءِ خاص تيار ڪيل وڳا پهري شريڪ ٿيون.

بيورلي هلز ۾ گولڊن گلوب ايوارڊ جي تقريب ۾ اداڪاره نتالي پورٽ مين پيلو وڳو پهري پهتي هئي، جيڪو “جيڪي” فلم لاءِ 1960 واري ڏهاڪي ۾ فرسٽ ليڊي جيڪلين ڪينيڊي جو ڪردار کي ظاهر ڪري رهيو هو.

لا لا لينڊ اسٽار ايما اسٽون مشهور فيشن هائوس ويلينٽيو جو تيار ڪيل گلابي وڳو پهري شريڪ ٿي ته رٿ نيگا وري وئس ويٽن پاران تيار ڪيل لباس پهري پهٿي هئي.

نڪول ڪڊمين، ملي بوبي برائون، ڊريو بيري مور، ايمي ايڊمز ۽ ٻيون اداڪارائون به رنگ برنگي وڳن ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي نروار ٿيون.

ان موقعي تي نه رڳو اداڪارائون پر اداڪار به ڪنهن کان گهٽ نظر نه پئي آيا، ڪيسي ايفليڪ، ميل گبسن ۽ ٻيا اداڪار به هڪٻئي کان منفرد نظر اچڻ لاءِ مشهور ڊزائنرز جي وڳن کي اوليت ڏني….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*