سپر ماڊل ايان علي نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي گهرو سيڪريٽري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Ayyan-Ali-14217

سپر ماڊل ايان علي نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي گهرو سيڪريٽري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويو آهي.

ماڊل ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا ايڊووڪيٽ توهين عدالت واري درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايان علي کي عدالت ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني پر عدالتي حڪم باوجود به نالو اي سي ايل مان نه پيو ڪڍيو وڃي، ڄاڻي واڻي عدالتي فيصلي جي توهين ڪئي پئي وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو انهيءَ سلسلي ۾ فيصلو رڪارڊ تي موجود آهي، ان باوجود ايان علي جو نالو اي سي ايل مان نه پيو ڪڍيو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايان علي جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍڻ تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خلاف توهين عدالت واري ڪارروائي هلائي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*