مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد سپر ماڊل ايان علي اي سي ايل مان نالو خارج ٿيڻ بعد دبئي رواني ٿي وئي آهي

Ayyan-Ali-case-26716

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد سپر ماڊل ايان علي اي سي ايل مان نالو خارج ٿيڻ بعد دبئي رواني ٿي وئي آهي، ايان علي جو نالو گذريل ڏينهن  سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خارج ڪيو ويو هو.

مني لانڊرنگ ڪيس کي منهن ڏيندڙ سپر ماڊل ايان علي اي سي ايل مان نالو خارج ٿيڻ بعد دبئي رواني ٿي وئي آهي.

ذريعن موجب ايان علي دبئي مان فلم جي شوٽنگ لاءِ سريلنڪا رواني ٿي ويندي.

ايان علي کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي عدالت ضمانت تي آزاد ڪيو، پر وفاقي گهرو وزارت سندس نالو اي سي ايل مان خارج نه ڪيو هو، جنهن سبب هو ڪيترائي ڀيرا عدالت ۾ اپيلون داخل ڪرايون ۽ نيٺ گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ سندس نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*