اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، مذهبي معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي، اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل حج رائو شڪيل ۽ راجا آفتاب کي حج ڪرپشن ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو

hamid saeed kazmi

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، مذهبي معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي، اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل حج رائو شڪيل ۽ راجا آفتاب کي حج ڪرپشن ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، ٽنهي جوابدارن ڪيس مان بريت لاءِ اپيلون داخل ڪرايون هيون.

جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهيءَ ۾ بئنچ حج ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ٻڌايل مذهبي معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي، اڳوڻي ڊي جي حج آپريشن رائو شڪيل ۽ آفتاب الاسلام جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسپيشل سينٽرل جج جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ٽنهي جوابدارن کي باعزت طور بري ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي سميت ٽنهي جوابدارن کي عدالت 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي جوابدارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*