اسلام آباد هائيڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي 15 ڏينهن تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

sharjeel memon

اسلام آباد هائيڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي 15 ڏينهن تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پرڏيهه وڃڻ وقت مٿس ڪوبه ڪيس داخل نه هو، هاڻي چيو پيو وڃي ته هــُُو فرار ٿي ويو هو، فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته پ پ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ روايت آهي پر هــُو ڪڏهن به عدالت کان ڀڳا ناهن.

سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ضمانت ختم ٿيڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران پراسڪيوٽر جنرل اڳوڻي صوبائي وزير جي حفاظتي ضمانت منظور نه ڪرڻ جي درخواست ڏني، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته شرجيل ميمڻ اسان سامهون سرينڊر ڪيو آهي، ٻڌايو وڃي ته ڇونه ضمانت منظور ڪئي وڃي.

نيب جي وڪيل چيو ته احتساب عدالت شرجيل ميمڻ کي مفرور قرار ڏئي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ضمانت منظور ڪرڻ غير معمولي هوندو.

جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت کي رڳو اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته شرجيل ميمڻ کي ضمانت ڏني وڃي يا نه؟ جنهن قانون ۾ حفاظتي ضمانت ڏني وڃي ٿي ان ۾ مدد ڪئي وڃي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته فيصلا موجود آهن، جيڪڏهن مفرور جوابدار سرينڊر ڪري ته گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڏيڻ ۾ ڪوبه عار نه آهي.

عدالت شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي 20 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پرڏيهه وڃڻ وقت مٿس ڪوبه ڪيس داخل نه هو، هاڻي چيو پيو وڃي ته هــُُو فرار ٿي ويو هو.

ان موقعي تي شرجيل ميمڻ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته پ پ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ روايت آهي پر هــُو ڪڏهن به عدالت کان ڀڳا ناهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*