افغانستان مان ڪرم ايجنسيءَ ۾ مارٽر گولو فائر ڪيو ويو

Khuram-Agansy-18317

افغانستان مان ڪرم ايجنسيءَ ۾ مارٽر گولو فائر ڪيو ويو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، فورسز علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 4 افغانين سميت 5 دهشت گردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، افغان سرحد وٽ ڊرون حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا ٻه ڪمانڊرز مارجي ويا، افغان فورسز جي ننگر هار صوبي ۾ ڪارروائي دوران داعش سان تعلق رکندڙ 16 دهشت گرد مارجي ويا.

پوليٽيڪل عملدارن موجب افغانستان جي صوبي  خوست مان ڪرم ايجنسيءَ  مٿان  مارٽر گولو فائر ڪيو ويو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

پولٽيڪل عملدارن موجب  فورسز دهشت گردن جي موجودگي جي اطلاع تي  علائقي ۾ ڪارروائي ڪري 5 دهشت گردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گرفتار ڪيل دهشت گردن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي،  جن ۾ 4 افغاني شهري به شامل آهن.

پاڪ افغان سرحد ويجهو رخا لمن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي ٺڪاڻن مٿان ڊرون حملي ۾ ٻه دهشت گرد مارجي ويا.

مارجي ويل دهشت گردن جي سڃاڻپ  پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان اختر محمد گروپ جي اهم ڪمانڊرز طور ٿي آهي.

ٻئي طرف افغان فورسز ننگرهار صوبي ۾ دهشت گردن خلاف آپريشن ڪيو جنهن ۾ 16 دهشتگرد مارجي ويا.

افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته  مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو داعش سان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*