جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جمهوري دور ۾ فوجي عدالتن جو قيام ناهي ٿيندو

Mulana-Fazal-13816

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جمهوري دور ۾ فوجي عدالتن جو قيام ناهي ٿيندو، اسان ناپسند ڪندي به ان کي قبول ڪيو آهي، عمران خان اڄ تائين ڪڏهن به مناسب ڳالهه ناهي ڪئي، فاٽا جي عوام کي ريفرنڊم جو حق ڏنو وڃي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ڪڏهن به مناسب ڳالهه ناهي ڪئي، عوام جيڪا هن کي سزا ڏني آهي، اها کيس آئنده به ملندي.

هن چيو ته ڌرڻن ۾ اولهه جو ڪلچر عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جا ماڻهو ووٽ وسيلي تبديلي جي حق ۾ آهن.

مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ يا الڳ صوبو ٺاهڻ لاءِ عوام کان پڇيو وڃي، دنيا ۾ ريفرنڊم ٿيندا آهن، فاٽا ۾ به ريفرنڊم ڪرايو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته فاٽا جي عوام جي رجسٽريشن سندن گهرن ۾ ٿيڻ گهرجي، ادارن کي پنهنجي اصلاح لاءِ قدم کڻڻا پوندا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*