سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد عبدالله مراد اسميبلي ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو

cm

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد عبدالله مراد اسميبلي ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو ، پ پ ۽ جمهوريت دشمنن عبدالله مراد کي رستي تي هٽائڻ لاءِ  کيس شهيد ڪيو.

ملير ۾ پ پ اڳواڻ عبدالله مراد جي 13ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته عبدالله مراد بلوچ لينڊ مافيا ۽ ريتي بجري مافيا خلاف آواز بلند ڪيو.

هن چيو ته شهيدن جو رت ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو  ۽ اڳواڻن جي ويزن تي هلندي مقصد ماڻينداسين.

مراد علي شاهه چيو ته هو واعدو ٿو ڪري ته ملير جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.

ورسي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته شهيد عبدالله مراد پ پ جو سچو جيالو هو جيڪو اڄ به عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.

اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته عبدالله بلوچ بهادر اڳواڻ هو .

ورسي تقريب کي سلمان عبدالله مراد، پ   پ ايم پي اي ساجد جوکيو، مرتضيٰ بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*