سنڌ جي گورنر محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي آپريشن جو فيصلو 2013 ۾ رائيونڊ ۾ ٿيو هو

Muhammad-Zubair-Umar-1217

سنڌ جي گورنر محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي آپريشن جو فيصلو 2013 ۾ رائيونڊ ۾ ٿيو هو، جنهن دوران اڳوڻو آرمي چيف جنرل راحيل شريف موجود هو،گورنر چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽٽڻ بعد ڪراچي جو سياسي منظر نامو تبديل ٿي ويو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي جون چاٻيون ايم ڪيو ايم جي حوالي هيون ۽ نائين زيرو کي کولڻ جون ڳالهيون نه پيون ٿين.

هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي رهي هئي ان ۾ سياسي عسڪري ونگس ملوث هئي ۽ اهڙي نشاندهي سپريم ڪورٽ به ڪئي هئي.

گورنر چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن کانپوءِ امن امان جي  صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ ايم ڪيو جا ٽئي ڌڙا چئي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم سربراهه غلط هو.

محمد زبير چيو ته سي پيڪ ۾ توانائي منصوبن ۾ سنڌ کي وڌيڪ حصو ملندو، سي پيڪ ۾ سنڌ جا 7 ۽ پنجاب جا 6 منصوبا آهن.

هن چيو ته ڪجهه سالن ۾ پنجاب جي شهرن کي جيڪا ترقي ملي آهي ۽ اها سنڌ ۾ نه ٿي سگهي آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف رينجرز جو آپريشن شروع ٿي ويو آهي، دهشتگرد جتي به هجن انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچي آپريشن جو فيصلو 2013 ۾ رائيونڊ ۾ ٿيو هو، جنهن دوران اڳوڻو آرمي چيف جنرل راحيل شريف موجود هو،گورنر چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽٽڻ بعد ڪراچي جو سياسي منظر نامو تبديل ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*