سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد لاءِ پاڪ – ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي

SINDH TAS MAHEDA

سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد لاءِ  پاڪ – ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏيڍ سال کانپوءِ پاڻي تڪرار تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، چناب درياءَ تي ٺهندڙ ٽن منصوبن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

پاڪ – ڀارت انڊس واٽر ڪميشن جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڀارتي انڊس واٽر ڪمشنر  پي ڪي سڪسينا جي قيادت ۾ 10 رڪني وفد شرڪت ڪندو.

 پاڪ-ڀارت انڊس واٽر ڪمشنرز جي ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي نمائندگي مرزا آصف بيگ ڪندو، جنهن دوران پاڻي معاهدي تي ڀارتي ڀڃڪڙين وارو معاملو اٿاريو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي ٽن پن بجلي منصوبن تي اعتراض واريندو.

ڀارت هڪ سئو 20 ميگاواٽ جي ميار، 48 ميگاواٽ جي لوئر ڪلنائي ۽ هڪ هزار ميگاواٽ جي پڪال گل منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي منصوبا پاڪستان ايندڙ چناب درياهه تي هلي رهيا آهن.

ڳالهين ۾ چناب درياهه تي رتلي ۽ نيلم درياهه تي ڪشن گنگا پن بجلي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه جو امڪان نه آهي.

پاڻي ماهرن ڳالهين کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غلطي تسليم ڪري وڌيڪ ڊيم نه بڻائڻ جي خاطري نه ڪرائي ته ان سان ڳالهيون بي فائدي ٿي وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*