سپريم ڪورٽ بچاءُ واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي تڪ اين اي 110 تي ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي

na 110

سپريم ڪورٽ بچاءُ واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي تڪ اين اي 110 تي ڌانڌلي خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف جي تڪ اين اي 110 تي چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار پاران داخل ڪرايل نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڪوبه گرائونڊ موجود نه آهي، جنهن تي نظرثاني ڪئي وڃي.

اين اي 110 تان بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجا آصف 2013ع جي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو، مخالف اميدور پي ٽي آءِ جَي عثمان ڊار تڪ ۾ ڌانڌلي خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن کي اليڪشن ٽربيونل کانپوءِ سپريم ڪورٽ به رد ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عثمان ڊار نظرثاني واري درخواست داخل ڪرائي، جيڪا پڻ اڄ سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*