سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابندي وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابندي وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قانون موجود هئڻ جي صورت ۾ عدالت اهڙو فيصلو نٿي ڪري سگهي، وائن شاپ اونرز سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابندي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ  سنڌ ۾ شراب جي گتن تي پابندي خلاف وائن شاپ آنرز جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.

وائن شاپ آنرز طرفان ناليواري وڪيل عاصمه جهانگير عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايسٽر اچي رهي آهي، شراب جي وڪري تي لڳايل غير قانوني پابندي هٽائي وڃي.

درخواستگذار رميش ڪمار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان جي مذهب ۾ شراب واپرائڻ جي ڪابه اجازت نه آهي، شراب خانا مندر، مسجد، اسڪولز، ڪاليجز ۽ پبلڪ پارڪس جي حدن ۾ نه هئڻ گهرجن.

جسٽس اعجاز افضل چيو ته جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، ان خلاف قانوني قدم کڻڻ گهرجن، اهو ڪم پوليس جو آهي، جنهن کي ڊائريڪشن ڏيڻ جي ضرورت آهي.

عدالت چيو ته قانون هئڻ جي صورت ۾ عدالت اهڙو فيصلو نٿي ڏئي سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون جي خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي شراب خانن کي شراب وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*