فوجي عدالتن جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ لاءِ 28هين ترميم اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي ويندي، پارلياماني اڳواڻن تي ٻڌل قومي سلامتي ڪميٽي جوڙڻ لاءِ ٺهراءُ به پيش ڪيو ويندو

National-Assembly-3217

فوجي عدالتن جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ لاءِ 28هين ترميم اڄ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي ويندي، پارلياماني اڳواڻن تي ٻڌل قومي سلامتي ڪميٽي جوڙڻ لاءِ ٺهراءُ به پيش ڪيو ويندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ اڄ شام چار وڳي ٿيندو، جنهن ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت 28هين آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي.

حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ 28 هين ترميم جي حوالي سان ڪامياب ڳالهين بعد پيپلزپارٽي جي چار تجويزن کي به شامل ڪيو ويو  آهي.

پ پ جي تجويزن ۾ فوجي عدالتن جي ڪاررواين ۾ شاهدي لاڳو ڪرڻ، جوابدار کي گرفتاري جو سبب ٻڌائي 24 ڪلاڪن اندر ئي فوجي عدالت سامهون پيش ڪرڻ ۽ جوابدارکي وڪيل ڪرڻ جو حق ڏيڻ واريون شقون به شامل آهن.

اجلاس ۾ سمورن پارلياماني اڳواڻن تي ٻڌل قومي سلامتي ڪميٽي جوڙجڪ بابت قرارداد به پيش ڪئي ويندي.

قومي سلامتي ڪميٽي فوجي عدالتن، نيشنل ايڪشن پلان ۽ دهشتگردي خلاف جنگ سان لاڳاپيل جي نگراني ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*