فيض گنج واهه کي آرڊي 154 ۽ واٽر ڪورس نمبر 110 وٽان 15 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي تيار بيٺل فصل ۽ هڪ ڳوٺ دين محمد مري پاڻي هيٺ اچي ويو

faiz ganj

فيض گنج واهه کي آرڊي 154 ۽ واٽر ڪورس نمبر 110 وٽان 15 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي تيار بيٺل فصل ۽ هڪ ڳوٺ دين محمد مري پاڻي هيٺ اچي ويو.

گهاري جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب 10 کان وڌيڪ گهرن جون ڀتون ڪري پيون ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ سرنهن سميت ٻيو فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو.

ڳوٺاڻن پاران آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سندن چوڻ هو ته گهاري جو اطلاع آبپاشي عملي کي فوري طور ڏنو ويو هو پر عملدار نه پهتا، هنن جو چوڻ هو هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو.

ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آبپاسي عملدار نه پهچڻ ۽ گهاري جو پاڻي ڳوٺ ۾ گهڙڻ سبب شير اوڊ، شهزادو، گلشير مري ۽ عبدالجبار مري سميت 10 ڳوٺاڻن  جي گهرن جون ڀتون ڪري پيون ۽ لکين رپين جو فصل ٻڏي ويو.

هنن ڳوٺاڻن جي ٿيل نقصان جي ازالي جي گهر ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*