قومي ٽي-ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز وڏي اهميت واري آهي ۽ شرجيل خان جي غير موجودگي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي فرق پوندو

Sarfraz-Ahmed-the-new-captain-of-Pakistan-–-Cricket-News

قومي ٽي-ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز وڏي اهميت واري آهي ۽ شرجيل خان جي غير موجودگي سان ٽيم جي ڪارڪردگي تي فرق پوندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته محمد حفيظ ۽شعيب ملڪ جهڙن سينيئر رانديگرن جي موجودگي ٽيم لاءِ اهم آهي.

هن چيو ته کيس  اميد آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ بالرز اهم ڪردار ادا ڪندا ۽جيڪي رانديگر ڀرپور فارم ۾ آهن، انهن جي جي صلاحيتن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب تي سرفراز احمد چيو ته عمر اڪمل کي ٽيم مان ٻاهر نه ڪيو ويوآهي، سندس فٽنس جي مسئلن سبب کيس اسڪواڊ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته شرجيل خان جي غير موجودگي سبب ٽِم جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي.

سرفراز احمد وڌيڪ چيو ته سندن نظرون ڪنهن به هڪ شعبي تي کتل نه آهن، پر بالنگ، بيٽنگ ۽فيلڊنگ تي ڀرپور تياري ڪئي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هوته رانديگر جهڙي طرح ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندا آهن، کين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ به اهڙي ڪارڪردگي جو مظآهرو ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*