لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي گرفتاري  کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

شرجيل انعام ميمڻ جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي  موقف اختيار  ڪيو هو  ته سندس موڪل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ان ڪري سندس گرفتاري کان واري ضمانت منظور ڪئي وڃي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو هو شرجيل ميمڻ جي ڪراچي پهچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويندو.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل  اهو ڄاڻايو  شرجيل ميمڻ خلاف ڪراچي ۾  ڪيترائي ڪيس داخل آهن ۽ هو انهن ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ان سندس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت شرجيل ميمڻ جي درخواست رد ڪندي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ان کان سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*