ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد دوران پنجاب ۾ گذريل 24ڪلاڪن ۾ 6 جاين تي ڪارروائيون ڪري14 افغانين سميت 35 شڪي جوابدارن کي گرفتار

Punjab-Rangers-28217

ملڪ ۾ جاري آپريشن رد الفساد دوران پنجاب ۾ گذريل 24ڪلاڪن ۾ 6 جاين تي ڪارروائيون ڪري14 افغانين سميت  35 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ، پرڏيهي ڪرنسي ۽ غير ملڪي پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب پوليس ۽ رينجرز  انٽيليجنس پاران مليل ڄاڻ جي مدد سان راولپنڊي،اسلام آباد، اٽڪ ۽ ڊي جي خان ۾ مختلف هنڌن تي دهشت گردن خلاف ڪارروائي ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران 14 افغانين سميت  35 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيا ويو.

 گرفتار ٿيلن جي قبضي مان هٿيار ، پرڏيهي ڪرنسي ۽ غير ملڪي پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*