مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب داخل ٿيل 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا

Children-Death-14-1

مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب داخل ٿيل 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ هڪ مهيني اندر فوت ٿيل  ٻارڙن جو تعداد 13 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال ۾ داخل ڳوٺ ٻڌڻا لس جي رهواسي ڀارو جو 3 ڏينهن جو معصوم پٽ فوت ٿي ويو.

مينگهواڙ پاڙي جي رهواسي گروئو مينگهواڙ جي 5 مهينن جي ڌيءُ ورشيا فوت ٿي وئي.

هلندڙ مهيني دوران فوتي ٻارڙن جو تعداد 13 ٿي ويو، جڏهن ته هلندڙ سال ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جو تعداد 64 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*