ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته، فوجي عدالتن ۾ اتفاق راءِ موجود آهي،پ پ جي تجويزن تي ويچاريو ويندو، جنهن بعد جواب ڏينداسين

 isaaq dar and hamid

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته، فوجي عدالتن ۾ اتفاق راءِ موجود آهي،پ پ جي تجويزن تي ويچاريو ويندو، جنهن بعد جواب ڏينداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتن بابت نه اڳ ۾ اڪيلي سر فيصل ڪيو هو ۽ نه هاڻي ڪنداسين.

هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته فوجي عدالتن واري معاملي تي ايندڙ ٻن ڏينهن  اجلاس سڏايون.

اسحاق ڊار چيو ته پ پ جي تجويزن تي غور ڪنداسين ، جنهن فوجي عدالتن جي مدي ۾ هڪ سال واڌ جي تجويز ڏني آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي اتفاق راءِ موجود آهي ۽ مشاورت بعد اتفاق راءِ سان فيصلو ڪنداسين.

هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قوم متحد آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*