وزيراعظم نواز شريف پاڪ-افغان سرحد فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

pak afghan border

وزيراعظم نواز شريف پاڪ-افغان سرحد فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازو دهشتگردي جي واقعن جا پيرا افغان سر زمين تي موجود پاڪستان دشمن عنصرن سان ملن ٿا، تنهن باوجودي ڀائيچاري ۽ خوشحاليءَ لاءِ سرحدن کي کوليو وڃي.

وزيراعظم نواز شريف پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد کي فوري طور تي کولڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جا پيرا افغان سر زمين تي موجود پاڪستان دشمن عنصرن سان ملن ٿا.

وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ صدين کان مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رابطي کي نظر ۾ رکندي سرحدن کي ڊگهي مدي تائين بند رکڻ عوامي ۽ معاشي مفادن جي خلاف آهي، خوشحاليءَ واري جذبي تحت فوري طور سرحدون کوليون وڃن.

هن چيو ته اسين اميد ڪريون ٿا ته جن سببن جي ڪري اهڙا قدم کنيا ويا، انهن جي تدارڪ لاءِ افغان حڪومت سمورا ضروري اپاءَ وٺندي.

وزيراعظم چيو ته اسين ڪيترائي ڀيرا اهو عزم ورجائي چڪا آهيون ته پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ افغانستان ۾ ڊگهي مدي تائين امن اڻٽر آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ افغان حڪومت سان سهڪار وارين پاليسين تي عمل جاري رکيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*