وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث ڪرڪيٽرز شرجيل خان، ناصر جمشيد، خالد لطيف، شاهزيب حسن ۽ محمد عرفان جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

chodhari nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث ڪرڪيٽرز  شرجيل خان، ناصر جمشيد، خالد لطيف، شاهزيب حسن ۽ محمد عرفان جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، چوڌري نثار چيو آهي ته اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن سميت بوڪيز خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف آءِ اي اختيارين پاران پاڪستان سپر ليگ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خالد لطيف ۽ محمد عرفان ايف آءِ اي وٽ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن، باقي ٻين رانديگرن جا بيان به سڀاڻي رڪارڊ ڪيا ويندا.

وفاقي گهرو وزير اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث سمورن ڪرڪيٽرز شرجيل خان، خالد لطيف، ناصر جمشيد، شاهه زيب حسن خان ۽ محمد عرفان جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

چوڌري نثار پي ٽي اي اختيارين کي هدايت ڪئي ته سٽو لڳائيندڙ ۽ ان کي هٿي ڏيندڙ سمورين ويب سائٽس کي به بند ڪرڻ بابت قدم کنيا وڃن.

گهرو وزير ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته اسپاٽ فڪسنگ واري معاملي جي هر رخ کان اڻڌري جاچ ڪئي وڃي ته جيئن پاڪستان جو نالو بدنام ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

وفاقي گهرو وزير جاچ ۾ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪري ڪنهن به شخص کي ڪابه رعايت نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*