ٺارو شاهه ڀرسان ڏهين درجي جي شاگرد علي حيدر جو ذهني توازن درست نه هئڻ جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ڊي ايڇ او نوشهروفيروز نوٽيس ورتو آهي

tharushah

ٺارو شاهه ڀرسان ڏهين درجي جي شاگرد علي حيدر جو ذهني توازن درست نه هئڻ جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ڊي ايڇ او نوشهروفيروز نوٽيس ورتو آهي.

ڊي ايڇ او مظهر ڪلهوڙو پاران ٺاروشاهه ۽ مڃٺ شهر جي ڊاڪٽرن جي ٻڌل ٽيم ڳوٺ عالم کوسو ۾ پهچي نوجوان علي حيدر کوسو جو معائنو ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي  جو چوڻ هو ته نوجوان علي حيدر کي دماغي فزيڪل نه پر نفسياتي اثر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته نفسيات جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان جو علاج ڪراچي جي اسپتال ۾ ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*